اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي)سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ??ال??ريل ڄم??ن ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق جي جنگ ۾ حمايت جاري رکندو. پاڪستان پنهنجو قومي فرض سمجهندي ڪشميري عوام کي انصاف جي فراهمي لاءِ هر عالمي فورم تي آواز اٿاريو آهي ۽ اٿاريندو رهندو. اهي ڳالهيون هن برلن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ ”يوم استحصال ڪشمير“ جي موقعي تي ??ال??ريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي طور منعقد ويبينار کي ويڊيو لنڪ وسيلي پنهنجي خطاب دوران ڪيون. وفاقي وزير چيو ته ڀارت ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري آبادي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ??ال??ريل ڄم??ن ڪشمير ۾ هڪ طرفين ڪارروائين جي شروعات ڪئي. انهن ڪارروائين جو مقصد ڪشميري عوام کي بي اختيار ڪرڻ، راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ کين پنهنجي ئي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ آهي. هن چيو ته اڄ ڀارت دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڄم??ن ڪشمير ان جي سرزمين جو هڪ غير تڪراري حصو آهي، پر اهو ڀارت ئي هو جيڪو ڄم??ن ڪشمير جي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو. سلامتي ڪائونسل ۾ ڄم??ن ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو. هن چيو ته ڀارت طرفان ??ال??ريل ڄم??ن ڪشمير تي وحشياڻو قبضو نه رڳو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، بلڪه انساني حقن جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل اصولن جو مذاق آهي. هن چيو ته ??ال??ريل ڄم??ن ڪشمير جو عوام ڀارت جي غيرقانوني ۽ غاصباڻي قبضي خلاف لازوال قربانيون ??ئي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ??ال??ريل ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق جي جنگ ۾ حمايت جاري رکندو. پاڪستان حڪومت ڪشميري عوام جي حمايت جي لاءِ متفقه ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ هندو پرست حڪومت جي انتهاپسنداڻن ارادن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجو قومي فرض سمجهندي ڪشميري عوام کي انصاف جي فراهمي لاءِ هر عالمي فورم تي آواز اٿاريو آهي ۽ اٿاريندو رهندو. هن چيو ته اسان جو پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان واعدو آهي ته اسان سندن آواز هر فورم تي ان وقت تائين کڻي وينداسين جيستائين عالمي برادري ان مسئلي تي ايڪشن نه ٿي وٺي. وفاقي وزير چيو ته عالمي برادري جي ذميداري آهي ته ڀارت مٿان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ ??ال??ريل ڄم??ن ڪشمير تي 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين هڪ طرفو ۽ غيرقانوني قبضو ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀري. ويبينار کي برلن ۾ پاڪستاني سفير ثقلين سيده، لارڊ قربان حسين، پرشين سوسائٽي برلن جي اعزازي صدر وولڪر تسپڪي، ڪشميري اڳواڻن شميم شال، و??ال ملڪ، الطاف حسين واني ۽ علي رضا سيد پڻ خطاب ڪيو ۽ ڀارت جي ??ال??ر هيٺ ڄم??ن ڪشمير جي سنگين صورتحال تي روشني وڌي.
متعلقہ مضامین
-
NADRA eases family certificates for women’s property rights
-
Chinese embassy contradicts news article
-
College student killed for ‘honour’ in Pindi: police
-
COAS visits UK’s Warminster and Larkhill garrisons
-
Sindh govt to activate motor vehicle inspection centres within a week
-
Sindh goverment bans plastic bags from June 15
-
ایمیزون کنگڈم آفیشل انٹرٹینمنٹ انٹرنس
-
Pakistan, China to have technical institutions in CPEC area: minister
-
Mufti Qawi nominated in Qandeel Baloch murder case
-
Govt protecting farmers rights, says Pervaiz Rashid
-
Vigilant armed forces ready to thwart any aggression
-
Jhangvis son distances himself from anti-Shia tirade